آڌڙيءَ جو ٻيلو

آڌڙيءَ جو ٻيلو: ضلعي ڄامشوري جي شهر لڪي شاهه صدر کان ڏکڻ طرف ٺيٻاٺ ڳوٺ کان سنڌو درياهه ٻه درياهي ڪري هڪ نئون وهڪرو ٺاهي وري وڃي اصل درياهه سان ملندو هو، اهو وهڪرو پنج ميل هوندو هو. اڳتي هلي درياهه وري نئون پيٽ ڇڏي ويو ۽ ان هنڌ آمري ڍنڍ ۽ آڌڙيءَ ٻيلي وجود ورتو. هن وقت آڌڙي ٻيلو موجود آهي، جنهن ۾ ڪجهه سال اڳ ڌاڙيلن اچي قبضو ڪيو هو. هن ٻيلي سان لاڳو آمري پتڻ به هوندو هو، پر اهو ٻيلي جي ڪري گهڻو ختم ٿي ويو آهي.


لفظ آڌڙيءَ جو ٻيلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


حياتيات - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آڌڙيءَ جو ٻيلو
حياتيات ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون